تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميرپورخاص: يوٽيلٽي اسٽورن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث 9 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي دوران يوٽيلٽي اسٽورن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي حيدرآباد زون جي ڊائريڪٽر عبدالحميد ڀٽو جي هدايت تي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي. ايف آئي اي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمپوزٽ سرڪل ميرپورخاص محمد رشيد ڀٽي جي نگراني ۾ ايف آءِ اي ٽيم ڇاپو هڻي ڪرپشن ۾ ملوث يوٽيلٽي اسٽور جي 9 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن ۾ مشتاق لاشاري، غلام علي لاشاري، مٺو خان، حبدار علي، فيض محمد، ڀنڀرو مل، امير بخش ۽ ٻيا شامل آهن. ايف آءِ اي طرفان گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ايف آءِ اي حيدرآباد زون جي ڊائريڪٽر جي هدايت تي ڪاروائي ڪئي آهي، گرفتار ڪيل جوابدار رعايتي شين ۾ ڪرپشن ۾ ملوث هئا. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار رعايتي شين کي عام ماڻهن بدران مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا هئا، جوابدارن جي ڪرپشن سبب ملڪي خزاني کي 60  لک کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن ميرپورخاص ريجن ۾ سيلزمين ۽ اسسٽنٽ سيلزمين مقرر هئا، گرفتار جوابدارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
31 %
2.1kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون