- Advertisement -
هٿياربند فوج آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته علاقائي سلامتي خلاف ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ هٿياربند فوج ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستاني عوام جي عزم ۽ هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، 27 فيبروري 2019 جو ڏينهن اسان جي تاريخ جو اهم واقعو آهي، پاڪ فوج جي استقامت ۽ قابليت جو اعتراف سڄي دنيا جي فوجي ماهرن ۽ تجزيه نگارن ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته امن جي مفاد ۾ تباهه ٿيل جهاز جي پائليٽ کي واپس ڪري سياسي پختگي جو مظاهرو ڪيو ويو، پاڪستان امن قائم رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان پنهنجي پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو.
پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته علائقائي سالميت خلاف ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.- Advertisement -
