- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ڏيندو.
آپريشن سوئفٽ ريٽارڊ کي پنج سال مڪمل ٿيڻ تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پيغام جاري ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هو ملڪ جي هٿياربند جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪ فوج اڄوڪي ڏينهن ڀارتي دعوائون ڪوڙيون ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل سرسي جو عملي مظاهرو ڪيو.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، هو ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندا….- Advertisement -
