- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملاقات ٿي آهي.
آرمي چيف ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي اجلاس کان اڳ ٿي.
ذريعن موجب آرمي چيف سعودي عرب جي دوري بابت وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪ سعودي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف جاري انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي نتيجن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آرمي چيف ۽ وزيراعظم وچ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻن ۽ آپريشنل معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات دوران قومي ۽ گهرو سلامتي جي گڏيل صورتحال تي به خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي- Advertisement -
