سپريم ڪورٽ پاران جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي جو فيصلو ڪالعدم قرار

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ اسلام آباد هائيڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي بابت سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني لارجر بينچ 23 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت صديقي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سفارش ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته  شوڪت عزيز صديقي  جي برطرفي خلاف اپيلون منظور ڪيون وڃن ٿيون، شوڪت عزيز صديقي کي هاڻي رٽائرڊ جج جون سموريون سهولتون ڏنيون وڃن. فيصلي موجب، جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي بحال نٿو ڪري سگهجي، فيصلي ۾ دير سبب جسٽس شوڪت عزيز جي عمر 62 سال کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي، هاڻي جسٽس شوڪت کي رٽائرڊ جج تصور ڪيو وڃي. 23 جنوري تي سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هائيڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا هئا ته محتاط هلڻو پوندو، ڪٿي ادارن وچ ۾ آئيني توازن خراب نه ٿئي. شوڪت عزيز صديقي کي 21 جولاءِ 2018ع تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن راولپنڊي ۾ هڪ تقرير لاءِ جج طور نامناسب رويو اختيار ڪرڻ تي آئين جي آرٽيڪل 209 تحت سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سفارشن تي جوڊيشل آفيس مان هٽايو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
27%
3m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون