- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 21 لک گهر متاثر ٿيا، هو چاهن ٿا ته يو ايس ايڊ اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت ۾ سهڪار ڪري.
سيد مراد علي شاهه آمريڪي قونصل جنرل ڪانريڊ ٽِربـِـل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ يو ايس ايڊ مشن ڊائريڪٽر ڪيٽ سومو نگسيري به موجود هئا.
وڏي وزير چيو ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ تعليم اندر نوان منصوبا آڻي.
يو ايس مشن ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته يو ايس ايڊ موسمياتي تبديلي جو منصوبو تعليم لاءِ آڻڻ چاهي ٿي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 21 لک گهر متاثر ٿيا، هو چاهن ٿا ته يو ايس ايڊ اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت ۾ سهڪار ڪري.
هن چيو ته هڪ هزار گهرن جي اڏاوت مڪمل ٿي چڪي آهي، مدر چائلڊ نيوٽريشن تي سنڌ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.
ملاقات دوران طئه ٿيو ته يو ايس ايڊ ۽ پي اينڊ ڊي کاتي جو ڌار اجلاس ٿيندو.
آمريڪي قونصل جنرل چيو ته گوگل ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ مينجمينٽ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن تي وڏي وزير مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.- Advertisement -
