آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جا دلچسپ مقابلا جاري آهن ۽ ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميلي جي صورتحال هر ايندڙ ڏينهن وڌيڪ دلچسپ ٿيندي پئي وڃي، ورلڊ ڪپ 2024 ۾ شامل 20 ٽيمن مان 14 ٽيمون، پنهنجي پهرين پهرين ميچ کيڏي چڪيون آهن، ورلڊ ڪپ 2024 ۾ اڄ ميچ نمبر 8 کيڏي ويندي، جيڪا گروپ اي، جي ٻي ميچ هوندي، جنهن ۾ ڀارت ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون نيو يارڪ جي ناساو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ وارم اپ ميچ کيڏي آهي، جتي ڀارت بنگلاديش خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته آئرلينڊ کي سريلنڪا هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو. ڀارت ۽ آئرلينڊ وچ ۾ اڄ تائين 8 ٽي ٽوئنٽي ميچون ٿي چڪيون آهن ۽ ڀارت آئرش ٽيم جي خلاف ناقابل شڪست رڪارڊ برقرار رکيو آهي، ۽ اڄ به انڊين ٽيم ان روايت کي برقرار رکڻ چاهيندي. جڏهن ته ٻئي پاسي آئرلينڊ ورلڊ ڪپ 2024 ۾ پنهنجو آغاز ڪاميابي سان ڪرڻ چاهيندي، ڀارتي ڪپتان، روهت شرما، رشڀ پنت جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي تي تمام گھڻو خوش آهي، رشڀ پنت جي اچڻ سان ڀارتي ٽيم جو مڊل آرڊر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، ويرات ڪوهلي ۽ سوريا ڪمار ياديو پڻ بهترين فارم ۾ آهن جنهن سبب ڀارت جو مڊل آرڊر اڃا وڌيڪ مضبوط نظر اچي رهيو آهي، پر هن وقت اڃا به سڀني جون ڌيان ان ڳالھه تي لڳل آهي ته روهت شرما سان گڏ اوپننگ ڪير ڪندو؟ آل رائونڊر هردِڪ پانڊيا بنگلاديش خلاف وارم اپ ميچ کانپوءِ فارم ۾ اچي ويو آهي، جتي هن بيٽنگ ۽ بالنگ ٻنهي سان پرفارم ڪيو، گڏوگڏ وارم اپ ميچ ۾ شيوم دوبي جي ڪارڪردگي بهترين رهي جتي هُن ڪجھه اوور ڪرايا ۽ وڪيٽون حاصل ڪيون، ان سان ڪپتان روهت شرما لاءِ وڌيڪ آساني ٿي آهي ۽ هن وٽ بالنگ آپشنز وڌي ويا آهن، ٻئي پاسي آئرلينڊ جي ٽيم به بهترين ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي جنهن جو تازو ئي مثال پاڪستان خلاف سيريز آهي جتي هنن پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني، جيتري بهترين ڀارتي بيٽنگ آهي ته اوترو ئي آئرلينڊ کي پنهنجي بالنگ تي يقين هوندو، جنهن ۾ مارڪ اڊير، جوشئا لٽل ۽ ڪريگ ينگ هن وقت بهترين بالنگ فارم ۾ آهن، ڳالھه ڪجي آئرلينڊ جي بيٽنگ جي ته ان ۾ مجموعي طور تي ڪجھه سٺيون اننگز ضرور نظر اچن پيون پر انفرادي طور ڪو به رانديگر ڪا وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ڪافي عرصي کان ناڪام رهيو آهي . اينڊي بالبرني، هيري ٽيڪٽر ،لورڪن ٽڪر ۽ ڪپتان پال اسٽرلنگ کي مضبوط ڀارتي بالنگ لائين خلاف بهترين راند کيڏڻي پوندي، گرائونڊ ۽ پچ جي ڳالھه ڪجي ته پچ شروعاتي طور سوئنگ ۽ اسپن ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي جنهن سان بالنگ سائيڊ پنهنجي ٽيم لاءِ شروع ۾ ٽون سيٽ ڪري سگھي ٿي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٽيم کي فاتحاڻو آغاز ڏياري سگھي ٿي.ڇا ڀارتي ٽيم آئرلينڊ خلاف ناقابل شڪست رهڻ واري روايت برقرار رکندي؟
- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22
°
C
22
°
22
°
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22
°
آچر
24
°
سُومر
26
°
اڱارو
28
°
اربع
30
°
