تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، ڪياماڙي، لياري ۽ اولھھ ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، ڪياماڙي، لياري ۽ اولھھ ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ پيپلز پارٽي ڪراچي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ پيپلز بس سروس جي اختيارين جو  ھڪ اھم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايم اين ايز قادر پٽيل، آغا رفيع الله، ڊپٽي ميئر سلمان مراد، ايم پي ايز سليم بلوچ، يوسف بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، راجا رزاق، لياقت آسڪاڻي، آصف خان، شازيھ سنگھار ، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، پيپلز بس سروس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صھيب شفيق، آپريشنل مئنيجر عبدالشڪور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي جي علائقي ملير، ڪياماڙي، لياري ۽ اولھھ ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ لياري کان ملير نئون روٽ شروع ڪرڻ ۽ لياري ۾ چاڪيواڙا اسٽاپ تائين پيپلز بس ھلائڻ جي تجويز بھ ڏني وئي. اجلاس ۾ ضياالدين اسپتال کان چاڪيواڙا چوڪ وايا بلاول چورنگي، 26 اسٽريٽ، گزري لين، سي ايم ھائوس، سلطان آباد، ماڙيپور روٽ جي توسيع جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سومر کان ھاڪس بي کان صدر  ۽ منگھوپير کان بنارس سروي کانپوءِ نون روٽس لاءِ ٽيسٽ بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو . اجلاس ۾ ملير کان لياري ۽ ملير ڪي ڊي اي موڙ غريب آباد کان يوسف ڳوٺ بلديا ٽائون تائين پنڪ بس سروس ھلائڻ جي تجويز  بھ ڏني وئي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ڪراچي جي روشن ۽ بھترين مستقبل لاءِ مسلسل لگن سان ڪم ڪري رھي آھي، پيپلز بس سروس جي توسيع پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بھتر بڻائڻ ڏانھن اھم قدم آھي. ھن چيو تھ عوام کي  رسائي جوڳي، اثرائتي ۽ سستي ٽرانسپورٽ جي فراھمي جو مقصد ٽريفڪ جي ھجوم کي گھٽائڻ ۽ عوامي چرپر لاءِ ڀروسي جوڳو حل پيش ڪرڻ آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
17 %
2.8kmh
23 %
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون