- Advertisement -
سرهاڙي ڀرسان ڳلي ۾ سوپاري ڦاسڻ سبب 7 سالن جو نينگر فوت ٿي ويو آهي.
کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ 7 سالن جو شهزاد پٽ حامد علي جمالي ڳلي ۾ سوپاري ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.
وارثن موجب نينگر ڳوٺ جي هڪ دڪان تان سوپاري وٺي کاڌي جڏهن هو گهر آيو ته کيس ساھ جي تڪليف ٿي ته هنن کيس فوري طور نوابشاھ اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سوپاري گلي مان هڪ نلي وسيلي ڪڍي پر نينگر ڦڦر خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو.
وارثن چيو ته دڪاندار جي غفلت آهي جيڪي ننڍي عمر جي ٻارڙن کي سوپاريون ۽ ٻيون شيون ڏين ٿا جنهن ڪري اهڙا واقعا پيش اچن ٿا.
هوڏانهن معصوم نينگر جو لاش ڳوٺ مهر علي جمالي آندو ويو جتي گهر ۾ ڪهرام متل آهي سندس والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.- Advertisement -
