- Advertisement -
قمبر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس اهلڪار جي ڌيءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
شهر ٻاهران باغن شاهه بخاري ڀرسان قبرستان ۾ ويگو گاڏيءَ ۾ سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار سفير ٻرڙو جي ڌيءُ الماس کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول ناري ڳوٺ دڦر واسي پوليس اهلڪار سفير ٻرڙو جي ڌيءُ الماس آهي جنهن کي سندس والد ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.- Advertisement -
