- Advertisement -
ڪنڌڪوٽ ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
شهر جي گرلس اسڪول سامهون موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان اظهر مهر کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي اچڻ بعد سندن مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.- Advertisement -
