- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ اجلاس ۾ عدالتي سڌارن ۽ ججز جي خدشن سميت مختلف عدالتي معاملن تي غور ڪيو ويو، سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ اجلاس ختم ٿي ويو.
فل ڪورٽ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن دستياب ججز شرڪت ڪئي.
سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس تقريبن اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ججز جي خدشن سميت مختلف عدالتي معاملن تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ عدالتي سڌارن تي به غور ڪيو ويو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ پهريون فل ڪورٽ اجلاس ٿيو.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو.
جسٽس منصور علي شاهه عمري جي ادائگي لاءِ وڃڻ سبب فل ڪورٽ اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو….- Advertisement -
