- Advertisement -
چيني صدر شي جنگ پنگ ۽ صدر آصف علي زرداريءَ وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.
صدر آصف علي زرداري بيجنگ ۾ چيني جي عظيم عوامي هال پهتو، جتي چين صدر شي جن پنگ سندس آجيان ڪئي.
چيني فوج جي دستي آصف آصف علي زرداريءَ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا.
صدر آصف علي زرداري جي پنهنجي هم منصب شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ گريٽ هال آف چائنا ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ چيني شهرين جي پاڪستان ۾ سڪيورٽي ۽ سي پيڪ منصوبا تيز ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.- Advertisement -
