تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش، آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 3اهلڪار شھيد، 3 ددهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگردن طرفان حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، 3 آپگهاتي بمبار مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي افغان شهري طور سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته 3 ايف سي جي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو صبح 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو. سندس چوڻ هو ته حملي کانپوءِ سنهري مسجد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ کي صدر روڊ طرف موڙيو ويو. سي سي پي او پشاور جو چوڻ هو ته ٽن آپگهاتي حملو ڪندڙن فيڊرل ڪانسٽيبلري تي حملو ڪيو، هڪ آپگهاتي حملي آور پاڻ کي مرڪزي گيٽ تي اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻن آپگهاتي حملي ڪندڙن هيڊ ڪوارٽر اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ميان سعيد جو چوڻ هو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن ٻنهي حملو ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، ٽنهي آپگهاتي حملو ڪندڙن کي ماريو ويو آهي، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن بهادري سان آپگهاتي حملا ناڪام بڻايا. مارجي ويل دهشتگردن جي افغان شهري طور سڃاڻپ ٿي آهي. ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جاويد اقبال ٻڌايو ته ٽنهي آپگهاتي حملو ڪندڙن کي ماريو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، آپگهاتي حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
38 %
0.7kmh
51 %
ڇنڇر
21 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون