- Advertisement -
ملڪ ۾ نئين سال 2026ع جو پهريون سج بهتر مسقبل جي اميدن ۽ دعائن سان اڀري ويو جڏهن ته تلخ ۽ خوشگوار يادن سان ڀرپور 2025ع ماضي جي ورقن ۾ دفن ٿي ويو آهي.
نئين سال جي شروعات تي مسجدن ۾ ملڪي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.
راڄڌاني ڪراچي ۾ نئين سال جو پهريون سج صبح 7 لڳي 17 منٽن تي پنهنجي روشني وکيرڻ شروع ڪئي، شهرين نئين سال جي پهرين سج اڀرڻ جو نظارو سامونڊي علائقن، پارڪن ۽ کليل هنڌن تي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو.
حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نئين سال جي پهرين سج جي آجيان ڪئي وئي.
نئين سال جي پهرين ڏينهن جي شروعات جاڙن شهرن جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ فجر جي نماز سان ٿي.
برسان باوجود مسجدن ۾ باجماعت نماز ۾ غير معمولي رش ڏسڻ ۾ آئي، نماز کانپوءِ ملڪي ترقي، خوشحالي، سلامتي ۽ مضبوط مستقبل لاءِ دعائون گهريون ويون.- Advertisement -
