- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف کي غزا لاءِ بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي باضابطا دعوت ڏئي ڇڏي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي غزا بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي.
پرڏيهي ترجمان طاهر اندرابي جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي غزا بابت بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي باضابطه دعوت ملي آهي.
هن چيو ته پاڪستان غزا جي امن ۽ سلامتي جي ڪوششن ۾ شريڪ آهي، غزا ۾ جٽادار امن لاءِ عالمي ڪوششون اڻٽر آهن.
سندس چوڻ هو ته فلطسين مسئلي جو مستقل حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٿيڻ گهرجي، پاڪستان وچ اوڀر ۾ جٽادار امن لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.- Advertisement -
