تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيل غزا ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

غزه ۾ جنگ بندي جي باقاعده شروعات ٿي ويئي، اسرائيلي حڪومت غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي مٽاسٽا واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

غزه امن منصوبي جي منظوري لاءِ اسرائيلي حڪومت جي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم ۽ وزيرن، وچ اوڀر لاءِ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جيريڊ ڪشنر شرڪت ڪئي.

اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، حڪومت سڀني يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

معاهدي تحت، اٽڪل 2 هزار فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ اسرائيلي فوج جي جزوي واپسي جي بدلي مغوين کي آزاد ڪيو ويندو.

رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج هاڻي غزه جي پٽي اندر نئين پوزيشنز تي منتقل ٿيندي، پر اٽڪل 53 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول برقرار رکندي، جنهن کان پوءِ 72 ڪلاڪن جو عرصو ڏنو ويندو، جنهن دوران حماس سڀني يرغمالين کي آزاد ڪندي.

آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ گڏيل ٽاسڪ فورس تحت 2 سئو اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، غزه جي گڏيل فورس ۾ مصر ۽ قطر جا سپاهي شامل هوندا، جڏهن ته ڪو به آمريڪي فوجي غزه نه ويندو.

فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيلي ٽي وي سان انٽرويو ۾ چيو ته اميد آهي ته جنگ بندي کان پوءِ امن، سلامتي ۽ استحڪام برقرار رهندو، اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ خونريزي ختم ٿي وئي آهي……….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
20 %
0.7kmh
3 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون