- Advertisement -
حيدرآباد ۾ وڪيلن پاران ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف ٻارهين ڏينھن به احتجاج جاري آهي، جڏهن ته وڪيلن اربع ڏينھن آل سنڌ وڪيل ڪنوينشن سڏائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ ڄامشوري، دادو، مٽياري ۽ سيوھڻ بار ۾ به احتجاج ڪيو ويو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ ڪورٽن، سول ڪورٽن ۽ خصوصي عدالتن ۾ ڪيس نه هليا.
ڪيس نه هلڻ سبب ماڻهو سخت پريشان آهن ۽ سوين ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويا.
وڪيلن پاران ايس ايس پي حيدرآباد جي بدلي تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.
سيشن ڪورٽ جي مک دروازي تي وڪيلن ڪئمپ قائم ڪري پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن سميت عام ماڻهن جي عدالت ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي.
احتجاج ڪندڙ وڪيلن پاران ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف نعريبازي ڪري کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.- Advertisement -
