- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي اغوا ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او سچل جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او سچل محمد شعيب جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو.
سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته پوليس آفيسر تي اغوا ڪيس ۾ ڀنگ طلب ڪرڻ جي درخواست داخل آهي، اغوا ٿيل شخص اڃا تائين بازياب ناهي ٿيو.
فريادي جي وڪيل جو چوڻ هو ته مغوي محمد شريف رنگ جو ڪم هو، سندس بازيابي جي بدلي 5 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي.
فريادي جي وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارن چيو ته جيڪڏهن اهي درخواست عدالت ۾ نه کڻي ويندا ته شريف کي آزاد ڪيو ويندو، درخواست وٺڻ باوجود شهري کي آزاد ناهي ڪيو ويو…………- Advertisement -
