- Advertisement -
بلوچستان ۾ ٻن مختلف آپريشن ۾ فتنه الهندستان جا 18 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز چلتن جي جابلو علائقي ۾ دهشتگردي جي موجودگي جي انٽيليجنس معلومات تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران 14 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ضلعي ڪيچ جي علائقي بوليده ۾ آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي…….
- Advertisement -
