تازه ترين

جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني لارجر بئنچ انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي

- Advertisement -
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت سپريم ڪورٽ لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو وري پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني لارجر بئنچ انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ٻڌايو ته 20 ڄڻا عيد کان اڳ سزائون ڪاٽي گهر وڃي چڪا آهن. جسٽس حسن اظهر رضويءَ رمارڪس ۾ چيو ته جن ويهن ڄڻن کي سزا ڪاٽڻ بعد آزادي ملي انهن جا فيصلا عدالتي رڪارڊ جو احصو آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته فوجي عدالت جا فيصلا عدالتي رڪارڊ تي آندا وڃن. جسٽس شاهد وحيد چيو ته فوجي عدالت جي فيصلي مان خبر پوندي ته ٽرائل ۾ ڪهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هو ڏسڻ چاهن ٿا ته مرضيءَ جي وڪيل جي سهولت ڏني وئي يا نه؟ جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته هو فوجي عدالتن جو فيصلا جاري ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي قطعي فيصلي سان مشروط رکيو آهي. وڪيل اعتزاز احسن چيو ته هڪ سال تائين حراست ۾ رهندڙ ماڻهن کي سرٽيفڪيٽ به جاري نه ڪيو ويو، عدالت چيو ته اهڙو ڪو به سرٽيفڪيٽ ناهي هوندو آرڊر هوندو آهي. جسٽس رٽائرڊ جواد ايس خواجه جي وڪيل چيو ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي نوٽ جي روشنيءَ ۾ لارجر بئنچ جوڙي وڃي. هن چيو ته ان ڪيس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 9 رڪني لارجر بئنچ جوڙي وڃي، اصل سوال اهو آهي ته ڇا سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه؟ اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ جڏهن هڪ معاملي کي طئه ڪري ته ان کي ڇيڙيَ نه ٿو سگهجي، شينهن کي پنهنجي طاقت جو اندازو ناهي ٿيندو. جسٽس مسرت هلال چيو ته بئريسٽر صاحب کين پنهنجي طاقت جو مڪمل اندازو آهي. وڪيل چيو ته جسٽس يحيٰ آفريديءَ راءَ ايف بي عل ڪيس کي نظر ۾ رکندي ڇهه رڪني بئنچ ان جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جسٽس يحيٰ جي راءِ کي جڊيشل آرڊر قرار نٿو ڏئي سهگجي. وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد  عدالت لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو وري پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
25 %
5kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
35 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون