- Advertisement -
خيرپور جي عدالت راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت فريادي ڌر نه اچڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي کانپوءِ چارئي جوابدار سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل ڪيا ويا.- Advertisement -
