- Advertisement -
خيرپور پوليس مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه جي نيت سان بيٺل هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ الله ڏنو اڄڻ طور ٿي.
پوليس موجب، ٻيو مقابلو گمبٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٿي جنهن ۾ مقابلي دوران امتياز نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري هڪ کي خيرپور ۽ ٻئي کي گمبٽ اسپتال طبي امداد لاءِ منتقل ڪيو ويو.
گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ گرفتار جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
