تازه ترين

ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي : غلام مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
- Advertisement -

اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، سنڌ کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ متحد ٿيڻو پوندو.

لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اين پي پي سربراهه چيو ته ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس وارن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻا هئا پر هو ڄاڻي واڻي نه آيا جنهنڪري عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته هو راشد محمود سومري جا ٿورائتا آهن جن کين جي يو آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني.

هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، سنڌ کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ متحد ٿيڻو پوندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
41 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون