- Advertisement -
روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي ۾ 62 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 150 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ مقامي پوليس علائقي کي گھيري هيٺ آڻي حملي آورن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مقامي وقت موجب رات جو تقريبن اٺين وڳي ٽن دهشتگردن ڪراڪس سٽي هال ۾ داخل ٿي ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ بم اڇلايا جنهن کانپوءِ عمارت ۾ باهه لڳي وئي.
دهشتگردن طرفان بم اڇلائڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو اندر ڦاسي پيا جڏهن ته باهه سبب عمارت کي به ڪافي حد تائين نقصان پهتو، ريسڪيو اهلڪارن طرفان هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي ورتي، واقعي واري هنڌ تي وڌيڪ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
روسي ميڊيا موجب، ڪراڪس سٽي هال تي دهشتگرد حملي کانپوءِ ماسڪو سميت مختلف علائقن ۾ تقريبون ملتوي ڪيون ويون.
ٻئي پاسي امريڪي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته داعش روسي ماسڪو ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، عالمي دهشتگرد تنطيم داعش سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽيليگرام تي پنهنجي چينل ذريعي ڪراڪس جي سٽي هال تي دهشتگرد حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
ٻئي پاسي ماسڪو حملي سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي يوڪريني صدر جي ايڊوائيزر جو چوڻ هو ته ماسڪو ڪنسرٽ هال تي حملي سان يوڪرين جو ڪوبه تعلق نه آهي، سندن جنگ روس ۽ روسي فوج سان آهي.
ٻئي پاسي امريڪا ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.- Advertisement -
