- Advertisement -
سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي امريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان واشنگٽن ۾ ملاقات ٿي آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ملاقات دوران امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
سعودي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، امريڪا ۽ سعودي عرب جي گڏيل مفاد جي تحفظ تي به اتفاق ڪيو ويو.
سعودي پرڏيهي وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملاقات دوران وچ اوڀر سميت علائقائي سلامتي جا معاملا بحث هيٺ ايندا، سعودي پرڏيهي وزير چيئرمين ايوان نمائندگان برائن ماسٽ ۽ ڪانگريس ميمبر گريگوري ميڪس سان به ملاقات ڪئي………
- Advertisement -
