تازه ترين

سنڌ جي حڪمرانن صوبي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي: قادر مگسي

- Advertisement -
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ ڌرتي سان ڪا به هٿ چراند برداشت نه ڪندا، جيڪڏهن ڪنهن به اٽڪل يا چالاڪي سان سنڌ جو ورهاڱو ڪيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي راهوڪي پهچي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ۽ محمد اسلم راهو جي ڀيڻ حسنه راهو جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي ڳوٺ حافظ يونس سمون ۾ پريس ڪلب ڪڙيوگهنور جي جنرل سيڪريٽري عبدالرسول سمون جي امڙ جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي ان کان اڳ ڪڙيوگهنور ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ابوبڪر ڪڇي جي سئوٽ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هر دور جا حڪمران پنهنجي مفادن خاطر ترميمون آڻين ٿا، پهرين ترميم کان وٺي 27 ترميم تائين جيڪي به ترميمون ٿيون آهن اهي ڪنهن به عوام جي مفادن ۾ ناهن ٿيون، هو 27 هين آئيني ترميم عوام ۽ جمهوريت دشمن آهي، جنهن کي رد ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي حڪمرانن صوبي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، پ پ جا چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا منشيات هلائن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کي بک بدحالي ۽ ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمرانن کي واضح چئي ڇڏيو آهي ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ ڌرتي سان ڪا به هٿ چراند برداشت نه ڪندا، جيڪڏهن ڪنهن به اٽڪل ، چالاڪي مڪاري تحت سنڌ کي ورهايو ويو ته حڪمرانن کي ملڪ ۾ نه هلڻ ڏيندا. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني ۽ منشيات عروج تي آهي ، سنڌ جا تعليمي ادارا تباھ پيل آهن. سندس چوڻ هو ته معدني وسيلن تي ڌاريا قابض آهن ، سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ هوت خان گاڏهي، شاهنواز سيال، هارون شيخ ، عمر نوحاڻي نذير مري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ٻي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کورواھ پهچي سنڌ ترقي پسند تعلقي گولاڙچي جي پريس سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڪنڀار جي سس جي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايس ٽي پي ڪئنالن خلاف ڇھه مهينا پوري سنڌ وڃي عوام کي جاڳايو، جنهن بعد سگھاري تحريڪ هلي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪا اَڪ جي ماکي ناهي جو ڪير لاهي ويندو، ايم ڪيو ايم کي هميشه سنڌ ترقي پسند پارٽي جواب ڏنو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
3.7 ° C
3.7 °
3.7 °
13 %
2.2kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون