- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.
مديجي ويجهو ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.
امروٽ ٿاڻي جي حد نئين پل بس اسٽاپ سکر-لاڙڪاڻو مين روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ امروٽ واسي موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان عبدالسلام دل ۽ محفوظ احمد دل موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪامران دل سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي نوجوانن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي مديجي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
زخمي ڪامران دل جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
شڪارپور باءِ پاس تي ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ڳوٺ لال پير سيٺار واسي نوجوان صوبو سيٺار فوت ٿي ويو.
پوليس پهچي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
- Advertisement -
