تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جا دورا

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر،  خيرپور سول اسپتال جي ايم ايس کي بدلي ڪرڻ ۽ ڊائريڪٽر فنانس فهيم احمد شيخ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪندي سنڌ جي اسپتالن جي سامان جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر خيرپور جو دورو ڪيو، دوري جي شروعات هن درگاهه حضرت سچل سرمست تي حاضريءَ سان ڪئي. ڊي جي ثقافت، نگران وڏي وزير جي آجيان ڪئي ۽ کيس گيڙو رنگ جو مفلر ۽ سنڌي ٽوپي پارائي. درگاهه تي حاضريءَ بعد نگران وڏو وزير   گمبٽ انسٽيٽويٽ آف ميڊيڪل سائنسز پهتو، جتي ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سندس آجيان ڪئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڊي ڪيئر يونٽ ۾ داخل مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايڪسري يونٽ جو معائنو ڪيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ته گمس جو  ساليانو خرچ 6 بلين رپيا آهن، سنڌ سرڪار اسپتال کي 6 بلين رپيا گرانٽ ڏيندي آهي. نگران وڏي وزير گمس جي ڪڊني سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي کي هدايت ڪئي ته هر سيڪشن ۾ هڪ پيشنٽ گائيڊ هجي،  وڏي وزير ٿيليسميا جي مريضن سان به ملاقات ڪئي. نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ گمس اسپتال ۾ اجلاس پڻ ٿيو، جنهن ۾ رحيم بخش ڀٽي، پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر منصور رضوي، ڪمشنر سکر سميع صديقي، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ته گمس اسپتال جو ساليانو 2 ارب رپيا خسارو  آهي، انڊوسڪوپي جا 4 هزار پروسيجر ساليانو ٿيندا آهن. گمس جي دوري بعد نگران وڏي وزير خيرپور سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جو معائنو ڪيو. اسپتال ۾ انتظام بهتر نه هجڻ تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سول اسپتال جي سالياني بجيٽ 430 ملين رپيا آهن، پر ايمرجنسي ۾ نه آڪسيجن آهي نه ئي مانيٽر آهي. نگران وڏي وزير سنڌ نيبولائزر، سيڪشن ميشن جو معائنو ڪيو، بلڊ پريشر جاچڻ جو سامان  خراب هجڻ تي به جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڪاوڙ جو  اظهار ڪيو. دوري دوران وڏي وزير چيو ته ايمرجنسي ۾ 3 ميل ڊاڪٽر موجود آهن، 550 بسترن جي اسپتال آهي پر اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽي تي ناهن، عوام کي سهولت ڏيڻ بدران ايڏي وڏي اسپتال کي تباهه ڪيو پيو وڃي. نگران وڏي وزير اسپتال جي ليب کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪندي اسپتال جي سامان جي انسپيڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس قادر ڀـُـٽي کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر فنانس فهيم احمد شيخ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وڏي وزير تاريخي ناز هاءِ اسڪول  جو به اوچتو دورو ڪيو ۽ انتظاميا توڙي شاگردن سان ملاقات ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
9 %
7.6kmh
67 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون