- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر کي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ايف بي آر ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، وزيراعظم پاڻ اعتراف ڪيو آهي.
سنڌ اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ٽيڪس هدف پورا ڪيا، سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت زرعي ٽيڪس جو هدف پورو ڪيو، سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي صوبن کي منتقل ڪئي وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته
ايس بي آر هر سال پنهنجو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو آهي، ايف بي آر پنهنجون ڪوتاهيون لڳائڻ لاءِ زرعي ٽيڪس لاڳو ڪئي آهي، آءِ ايم ايف کي چيو ويو ته زراعت ٽيڪس نه ڏيندڙ واحد سيڪٽر آهي، سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي صوبن کي ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -
