- Advertisement -
سکر ۾ وڏي اسٽينڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل ٿي ويو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب نوجوان انور علي جعفري ھوٽل تي دوست سان ماني کائي واپس گھر وڃي رھيو ھيو ته ڦورن کيس يرغمال بڻائي ورتو.
ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان انور علي جعفري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا.
واقعي بعد مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر آندو ويو.
مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڦورن ڦر مزاحمت تي نوجوان کي قتل ڪيو، پوليس جي نااھلي سبب ڳتيل آبادين ۾ به ڦرون ۽ ڌاڙا لڳي رهيا آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنادير گرفتار ڪري وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي.- Advertisement -
