- Advertisement -
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار طرفان پوليو مهم جي ٻئي ڏينهن موري پهچي پنجن ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جي ڦڙا پياريا ويا.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار باءِ پاس تي قائم پوليو ڪيمپ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ او نوشهروفيروز سان گڏجي پنجن ورهين کان گهٽ عمر جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جي ڦڙا پياريا.
سنڌ جي گهرو وزير پوليو ورڪرن کان ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ بابت ڄاڻ ورتي.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ صحت کاتو جوڳا اپاءَ وٺي رهيو آهي، سندن ڪوشش آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ مان پوليو جو خاتمو آندو وڃي.- Advertisement -
