تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ يا جي ايڇ ڪيو ته دهشتگرد حملو ٿئي ٿو ته ڇا پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ تي حملي جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ جي ايڇ ڪيو حملي جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو؟. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جسٽس رٽائرڊ جواد ايس خواجا جي وڪيل خواجا احمد حسين پنهنجا دليل ڏنا. وڪيل خواجا احمد حسين دليل ڏيندي چيو ته عام شهرين جو ڪورٽ مارشل ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٿي سگهي، فوجي عدالتن جو طريقيڪار شفاف ٽرائل جي گهرجن جي خلاف آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي سمورن پنجن ججن فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي طريقيڪار جي شفافيت تي اتفاق نه ڪيو، ڇا ڌماڪا ڪندڙ، ملڪ دشمن جاسوس ۽ عام شهرين ۾ ڪوئي فرق ناهي؟. جسٽس حسن اظهر رمارڪس ڏنا اوهان کي پنهنجي دليل ۾ فرق ڪرڻ گهرجي، وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته هو ڪنهن دهشتگرد يا ڏوهاري جي دفاع ۾ دليل نه ڏئي پيو، عام شهرين جو ڪورٽ مارشل ممڪن هجي ها ته 21هين ترميم ڪرڻي نه پئي ها. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته 21هين ترميم ۾ ته ڪجهه ڏوهه آرمي ايڪٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا. وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته جيڪڏهن آرمي ايڪٽ ۾ ترميم سان ڪورٽ مارشل ممڪن هجي ها ته آئيني ترميم نه ڪرڻي پئي ها، ائين ڪورٽ مارشل ممڪن آهي ته عدالت کي قرار ڏيڻو پوندو ته 21هين آئيني ترميم بنا جواز ڪئي وئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 21هين ترميم ۾ ته سياسي پارٽين کي ٻاهر رکيو ويو هو، عدالت سامهون سوال آهي ته آرمي ايڪٽ ڪنهن تي لاڳو ٿيندو. وڪيل خواجا احمد حسين دليل ڏيندي چيو ته 21هين آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 175 ۾ به ترميم ڪئي وئي، فوجي عدالتن ۾ فيصلي تائين ضمانت جو ڪوبه تصور ناهي. جسٽس حسن چيو ته فوجي عدالتن ۾ ته اسپيڊ سان ٽرائل ٿيندو آهي، 15 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي وڃي ته ضمانت ٿيڻ نه ٿيڻ سان ڇا ٿيندو؟، فوجي عدالتن ۾ اپيل ڪنهن آزاد فورم تي ويندي آهي، ڏوهاري جا گرفتاري کان پهريان به سزا کانپوءِ به حق هوندا آهن. وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته آرمي ايڪٽ صحيح آهي ٺهيو آهي پر ڏسڻو آهي ته ڪنهن لاڳو ٿئي ٿو، عدالت کي رڳو اها اپيل آهي ته ڪورٽ مارشل جو دروازو نه کوليو، جيڪڏهن هن اپيل کي منظور ڪيو ويو ته انساني حقن جي خلاف آهي. عدالت فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. بئريسٽر سلمان اڪرم راجا سڀاڻي دليل جي شروعات ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
10 %
4.1kmh
52 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون