- Advertisement -
اسرائيل فوج دعوى ڪئي آهي ته لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ هوائي حملي ۾ حزب جي وقت چيف آف اسٽاف علي طبطبائي کي شهيد ڪيو آهي
پرڏيهي ميڊِا موجب، اسرائيلي فوج بيان ۾ دعوى ڪئي ته لبنان جي راڄڌاني بيروت جي ڀر ۾ مهينن کانپوءِ حملو ڪيو ويو ۽ حزب الله جي وقت چيف اسٽاف علي طبطبائي کي نشانو بڻايو ويوو.
حزب الله طرفان فوري طور تي علي طبطبائي جي شهيد جي تصديق ناهي ڪئي وئي پر حزب الله جي هڪ سينيئر عهديدار مرڪزي ڪمانڊ نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي.
محمد قماتي بمباري جو نشانو بڻيل عمارت ڀرسان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل حملي ۾ ريڊلائين ڪراس ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته حزب الله قيادت فيصلو ڪندي ته ڪٿي ۽ ڪيئن جواب ڏيڻو آهي.
ٻئي پاسي لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آحي ته اسرائيلي حملي ۾5 ڄڻا شهيد ۽ 28 زخمي ٿيا آهن ۽ نشانو بڻيل گھڻ ماڙ عمارت جو ملبو مرڪزي روڊ تي بيٺل ڪارن مٿان ڪِريو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حملي کانپوءِ شهري ٻئي حملي جي خوف سبب متاثر عمارت کان ٻاهر نڪري آيا
- Advertisement -
