پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته مسلم ليگ ن ڪڏهن به صوبائيت، ڪئنالن ۽ ڊيمن جو ڪارڊ نه کيڏو آهي، مسلم ليگ ن قومي پارٽي، قومي سوچ ۽ قومي ترقي کي اوليت ڏيندي آهي، پنجاب حڪومت جي ٽيم 80 منصوبن سان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ دوران پرڏيهي امداد باوجود هر پاسي تباهي ئي تباهي آهي.
شرجيل ميمڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته جنهن کي اوهان بنا تجربي واري ٽيم چئي رهيا آهيو، ان ٽيم ڏيڍ سال ۾ پنجاب ۾ 80 منصوبن سان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته اوهان ماڻهن سترهن ورهين ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جو حشر ڪيو ان جو هو ذڪر ڪندا رهندا آهن.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته مسلم ليگ ن ڪڏهن به صوبائيت، ڪئنالن ۽ ڊيمن جو ڪارڊ نه کيڏو آهي، مسلم ليگ ن قومي پارٽي، قومي سوچ ۽ قومي ترقي کي اوليت ڏيندي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ دوران پرڏيهي امداد باوجود هر پاسي تباهي ئي تباهي آهي، جيڪو ڪردار اڄ جي پيپلزپارٽي پنجاب جي ٻوڏ ۾ ادا ڪيو آهي اهو پنجاب ياد رکندو.