تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ پاڻي جا وڏا ذخيرا ختم ٿي ويا، منگلا کان پوءِ تربيلاڊيم به ڊيڊ  ليول تي پهچي ويو

- Advertisement -
ملڪ ۾ پاڻي جا وڏا ذخيرا ختم ٿي ويا، منگلا کان پوءِ تربيلاڊيم به ڊيڊ  ليول تي پهچي ويو آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار آهي. سنڌ ۾ گڏيل طور پاڻي جي کوٽ 51 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ خريف جو فصل سخت متاثر ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن. سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 67 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب بئراج جي واهن کي رڳو 10 هزار 110 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي گهرج 39 هزار 230 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان سنڌ کي 49 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن سبب خريف جا فصل کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف گڊو بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ 24 ڪلاڪن اندر 737 ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 22 هزار 498 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 984 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر کي پاڻي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ هڪ هزار 993 ڪيوسڪ، جڏهن ته گهوٽڪي فيڊر ۾ 2 هزار 521 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
25 %
4kmh
46 %
ڇنڇر
20 °
آچر
22 °
سُومر
21 °
اڱارو
18 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون