- Advertisement -
موري سب جيل ۾ قيد نوجوان مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويو آهي.
ست ڏينهن اڳ شراب جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل قيدي شاهد حسين عالماڻي سب جيل اندر دم ڌڻي حوالي ڪيو.
فوتي قيدي جي چاچي محمد بخش عالماڻي الزام هڻندي چيو ته نوجوان کي جيل اندر تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته شاهد حسين جي فوت ٿيڻ جو کين اطلاع به ناهي ڏنو ويو.
وارثن پاران عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.
پوليس جي وڏي نفري جيل ٻاهران بيٺل آهي، جڏهن ته جيل کي تالا هڻي بند ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
