- Advertisement -
موري ڀرسان ٽِڪ ٽاڪ جي شوق نوجوان کان حياتي کسي ورتي.
ڳوٺ ڏتل ڪورائي ۾ نوجوان مقصود ولد محمد عرس ڪورائي ڳچي ۾ وائر ٻڌي ٽِڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب بيهوش ٿي ويو.
ڳوٺاڻن نوجوان کي کڻائي موري جي سول اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن بعد علائقي ۾ سوگ وارو ماحول ڇانئجي ويو.
ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته سندن نوجوان پنھنجي موبائل کڻي ٽِڪ ٽاڪ ٺاھڻ لاءِ گهر کان ٻاھر نڪري ويو ۽ ويڊيو ٺاھيندي سندس ڳچيءَ ۾ وائر ڦاسي پئي، جنهن ڪري فوت ٿي ويو- Advertisement -
