- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس امن نوبل انعام ان لاءِ نه مليو ته روس يوڪرين جنگ نه روڪرائي، چيو ويو ته اها جنگ روڪرايو ته انعام ملندو، پر اهو نه ڏٺو ويو ته دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته کيس هر جنگ روڪرائڻ تي نوبل انعام ملڻ گهربو هو پر مان لالچي نٿو بڻجڻ چاهي، نوبل انعام ماڻيندڙ عورت به کيس امن نوبل جي انعام جو حقدار قرار ڏنو هو.
سندس چوڻ هو ته کيس جنگين سبب ماڻهن جي مرڻ جو فڪر هوندو آهي، روس يوڪرين جنگ ۾ 27 هزار ماڻهو ماريا ويا.
صدر ٽرمپ چيو ته هن پاڪ ڀارت سميت 8 جنگيون روڪرايو ۽ هاڻي نائين جنگ روس يوڪرين جي هوندي جنهن کي بند ڪرائيندو،
امريڪي صدر موجب، روس-يوڪرين جنگ کي روڪڻ ايترو سولو ناهي، صورتحال تمام پيچيده آهي.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، 10 مهينن ۾ 18 ٽريلين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي، آمريڪا ۾ مهانگائي گهٽ ٿي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي آئي، ملڪي تاريخ جي بدترين مهانگائي ورثي ۾ ملي آهي……..
- Advertisement -
