- Advertisement -
ننگرپارڪر ۾ سجاڳ فورم پاران ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ ستين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي وئي.
احتجاجي ڪيمپ ۾ صمند خان کوسي، ڀيرو لال، سڪندر کوسي، نياز محمد ۽ ڀڳت ڪستورو ڪولھي سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
الهرکيو کوسي، مصطفيٰ دل ۽ ٻين الزام هنيو ته حڪومت ڪارونجهر جهڙي قومي ورثي بابت خاموشي اختيار ڪري غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي.
هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي رڳو پٿرن جو نقصان نه پر اهو تاريخ، ماحول ، روزگار ۽ جهنگلي جيوت ۽ تاريخي ورثي تي حملو آهي، جنهن کي سنڌ جو شعور ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.
اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت موقف تان نه ٿي هٽي ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو .
- Advertisement -
