تازه ترين

ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر

- Advertisement -
ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي. پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا طرفان ڏنل 111 رنسن جو هدف صرف 13 وورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي سولائي سان حاصل ڪري ورتو. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان جي تباهي مچائيندڙ بالگ آڏو پروٽيز جي سموري ٽيم 110رنسن تي ڍير ٿي وئي. مهمان ٽيم جا 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگھيا، صرف ڊيوالڊ بريوس 25 ۽ ڊونون فريرا 15 رنسن سان نمايان رهيا ان کان علاوه ڪاربن بوش 11 ۽ بارٽ مين 12 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان فهيم اشرف شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته سلمان مرزا ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، نسيم شهه 2 ۽ ابرار احمد جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. گرين شرٽس ڏکڻ آفريڪا جو 11 رنسن جو هدف صائم ايوب جي شاندار اننگز جي مدد سان 14 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. صاحبزاده فرحان 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، صائم ايوب 38 بالن تي 71 ۽ بابر اعظم 11 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو. اهڙي طرح پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي سيريز جو فيصلائتو ميچ اڄ لاهور ۾ ئي کيڏيو ويندو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
14 %
4kmh
0 %
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون