سعودي عرب جي دفاع واري وزير خالد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي کانپوءِ اهم بيان جاري ڪيو آهي.
سعودي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل اهم ترين دفاعي معاهدي جي خبر اردو ٻولي ۾ به سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير چيو ته سعودي ۽ پاڪستان اڳرائي جي مقابلي لاءِ هڪ ئي صف ۾، هميشه ۽ ابد تائين.
سينيئر سعودي اهلڪار رائٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته معاهدو ڪيترن ئي سالن جي ڳالهين جو نتيجو آهي، معاهدو ڪنهن خاص ملڪ خلاف يا واقعي جو ردعمل ناهي.