- Advertisement -
پيپلزپارٽيِءَ 30 نومبر تي يوم تاسيس ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ شاندار جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو صدر سعيد غني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن دوران جلسي ۾ عوام جي شرڪت يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس دوران اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي فقط هڪ سياسي پارٽي نه پر عوامي خدمت ۽ جمهوري جدوجهد جي هڪ تاريخي تحريڪ آهي.
هنن چيو ته پيپلزپارٽي رڳو هڪ سياسي پارٽي نه پر عوامي خدمت ۽ جمهوري جدوجهد جي هڪ تاريخي تحريڪ آهي، جيڪا انصاف، شموليت ۽ عوامي ڀلائي ۽ اصولن تي قائم آهي.
اجلاس ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ شاندار جلسو ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي ويندي ته جيئن پ پ جي نظريي، جدوجهد ۽ تاريخي ڪردار کي شاندار نموني ملهائي سگهجي….
- Advertisement -
