تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت کي 5 آگسٽ واري ذهنيت کان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي مسئلي تي بامعنيٰ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کي 5 آگسٽ واري ذهنيت کان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي مسئلي تي بامعنيٰ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڪشمير ڀارت جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي. ڪشمير جي ٻڌي واري ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، هو حڪومت ۽ 24 ڪروڙ عوام جي طرفان ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار ڪرڻ لاءِ آيو آهي. هن چيو ته 5 فيبروري ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ سندن پختي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي، 5 فيبروري هندستان کي ياد ڏياري ٿو ته ڪشمير 5 آگسٽ 2019 جهڙين ڪاررواين ذريعي ڪنهن جو به حصو نٿو بڻجي سگهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ گهٽتائي نه ايندي، ڀارت کي ڪشمير تڪرار تي بامعنيٰ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اهو ڀارت ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي ته 5 آگسٽ 2019 جي ذهنيت کان اڳتي وڌي، ڇاڪاڻ ته ڪشمير جو مسئلو جنگ ۽ بربريت ذريعي حل نه ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هو ڪشمير جي عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو، ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان پنهنجي رت سان آزادي جي ڪهاڻي لکي رهيا آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميرين سان گڏ آهن. شهباز شريف چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي نعري جي شدت وقت سان گڏ وڌي رهي آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي واڌ سان گڏ ڪشميرين ۾ آزادي جي تڙپ به وڌي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون