چڪ ويجهو پراڻي تڪرار تان ڳوٺ پيارو خان بروهي واسي 2 ڀائر قتل

- Advertisement -
چڪ ويجهو پراڻي تڪرار تان 2 ڀائر قتل ٿي ويا آهن. ڳوٺ پيارو خان بروهي ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر عبدالجبار ۽ خادم بروهي قتل ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو سال اڳ پراڻي تڪرار تان ڳوٺ يار محمد بروهي واسي منصور بروهي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش کوهه ۾ اڇلايو ويو هو، جنهن جي پلاند ۾ 2 ڀائرن کي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.6 ° C
33.6 °
33.6 °
9%
1.9m/s
3%
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون