- Advertisement -
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس سان وڌيڪ هڪ مباحثو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو ڪملا هيرس سان وڌيڪ هڪ مباحثي ۾ حصو نه وٺندو.
سوشل ميڊيا تي بيان ۾ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ مباحثو جوبائيڊن ۽ ٻيو مباحثو ڪملا هيرس سان ٿيو، ٽيون مباحثو نه ٿيندو.
ٻه ڏينهن اڳ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس وچ ۾ پهريون مباحثو ٿيو هو، مباحثي ۾ معيشت، ، اميگريشن، حملا ڪيرائڻ، روس -يوڪرين جنگ ۽ اسرائيل جي غزا تي حملن سميت اهم داخلي ۽ خارجي معاملن تي ٻنهي جماعتن جي اميدوارن پنهنجو موقف پيش ڪيو.
مباحثي دوران ٻنهي اميدوارن هڪ ٻئي تي الزام پڻ مڙهيا هئا.- Advertisement -
