- Advertisement -
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مبينا مقابلن دوران ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ملير جي علائقي لالا آباد ڀرسان سکن پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو.
پوليس هڪ ڏوهاري جهانگير عرف جهانزيب کي گرفتار ڪري غيرقانوني هٿيار، گوليون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي.
سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي عرفان الله طور سڃاڻپ ٿي جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
لياقت آباد تين هٽي پل ڀرسان پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب، زخمي جوابدار جي 20 ورهين جي واجد طور سڃاڻپ ٿي.- Advertisement -
