- Advertisement -
ملڪ ۾ نئون سال 2025ع شروع ٿي ويو، ڪراچي ۾ شهرين جو وڏو انگ جشن ملهائڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيو.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ سبب ٻن عورتن سميت 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب، لياقت آباد جي علائقن ۾ 3 ۽ گلشن چورنگي ڀرسان هڪ ڄڻو زخمي ٿيو.
ان کان علاوه شاهه فيصل ڪالوني ۽ اورنگي ٽائون ۾ به عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيا.
پوليس به مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪندي 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
واضع رهي ته ڪراچي پوليس عوام کي خبردار ڪيو هو ته نئين سال جي موقعي تي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.- Advertisement -
