تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز  آهي، جتي هر ٻولي جو ماڻهو رهي ٿو: سنڌ جو نگران

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز  آهي، جتي هر ٻولي جو ماڻهو رهي ٿو، روزانو لکين ماڻهو بنا ڪنهن مناسب ٽرانسپورٽ نظام جي سفر ڪن ٿا، سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽرانسپورٽ  لاءِ بهتر قدم کڻندي ستن بي آر ٽي پراجيڪٽن مان ٻه مڪمل ڪيا آهن. بيجنگ ۾ ون بيلٽ ون روڊ فورم کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ به محفوظ  ٽريفڪ نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، عورتن لاءِ محفوظ ٽرانسپورٽ آپشن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو يو آهي. هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي 43 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، وسيع ريلوي نيٽورڪ تي 2 ارب ڊالر سيرپڪاري ٿيندي، ڪي سي آر منصوبو شهر جي اهم علائقن کي ڳنڍي ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر کي شهر جي بي آر ٽيز سان ڳنڍڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي، عوام جي اچ وڃ آسان بنائڻ سان گڏ ٽريفڪ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪي سي آر جو اهم ڪردار هوندو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ڪي سي آر ساڍا 6 لک مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪندو، ڪي سي آر پراجيڪٽ سان واپار ۽ صنعت ۾ ترقي ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. نگران وڏي وزير چيو ته سي پيڪ پاڪ چين وچ ۾ ڀائيواري ۽ ترقي جو مثال آهي، واپار، اقتصادي ترقي، علائقائي انضمام، ثقافتي ۽ ماحولياتي استحڪام کي هٿي ملندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
16.2 ° C
16.2 °
16.2 °
33 %
2.4kmh
100 %
اربع
16 °
خميس
23 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
20 °

تازه ترين خبرون