تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف ٽن ورهين جي نئين قرض پروگرام لاءِ اسٽاف سطح جي معاهدي خاطر تجويزن جو مسودو پاڪستاني اختيارين حوالي

- Advertisement -
آءِ ايم ايف ٽن ورهين جي نئين قرض پروگرام لاءِ اسٽاف سطح جي معاهدي خاطر تجويزن جو مسودو پاڪستاني اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي معاشي ٽيم آءِ ايم ايف  طرفان نئين قرض پروگرام لاءِ لاڳو شرطن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي  تياريءَ کي قطعي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف طرفان ٽيڪس وصولين جو حدف 12 سئو 90 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ايف بي آر کان ٽيڪس وصولين جو حدف 12 سئو 50 ارب رپيا مقرر ڪرڻ تي اصرار ڪيو پيو وڃي. بجيٽ ٺاهڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان هلندڙ آن لائن رابطن ۽ ورچوئل ملاقاتن ۾ معاملا اڳتي وڌايا پيا وڃن. آءِ ايم ايف طرفان پاڪستاني اختيارين سان تجويزن جو مسودو  شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جي ايس ٽي جي معياري شرح ارڙهن مان وڌائي 19 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان تجويز کي منظور ڪيو وڃي ٿو ته ايف بي آر کي ايندڙ هڪ سال ۾ 180 ارب رپيا اضافي روينيو حاصل ٿيندو. بجيٽ ۾پرنسل انڪم ٽيڪس بابت به آءِ ايف ايف وڌيڪ آمدنيءَ واري طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ شرح 40 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن لاءِ ٽيڪس سليبز جو انگ ست کان گهٽائي چار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف طرفان ڇهين شيڊيول ۾ به غير ضروري ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اٺين شيڊيول تحت به ٽيڪسن جي رعايتي شرح کي رڳو غذائي شين ۽ صحت توڙي تعليم بابت ضروري شين تائين محدود رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت موجب بجيٽ قطعي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، ان ڪري اميد آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ طئه ٿيل شرطن کي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن بجيٽ منظوري بعد اسٽاف سطح تي معاهدي جي راهه هموار ٿي سگهي ۽ پاڪستان کي نئون قرض پروگرام ملي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون